سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان

سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان

عبدالقدير خان ڊاڪٽر

عبدالقدير خان، ڊاڪٽر: عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان (اي-ڪيو خان) پهرين اپريل 1936ع تي ڀوپال (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو.سندس والد عبدالغفور هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. هن ابتدائي تعليم ڀوپال مان حاصل ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ 1952ع ۾ سندس خاندان سنڌ لڏي آيو ۽ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو .ان وقت هن جي عمر سورهن سال هئي. هن ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان B.Sc ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ،پر پوءِ جلد ملازمت ڇڏي ڌاتوگريءَ (Metallurgy) جي اعليٰ ۽ جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1961ع ڌاري يورپ روانو ٿيو، جتي هن اولهه جرمنيءَ جي شارلٽن برگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ ٻن سالن تائين تعليم حاصل ڪندو رهيو .بعد ۾ هيگ (هالينڊ) ويو ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڊيلفٽ مان M.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. 1968ع ۾ هن بيلجيئم جي قديم ليون يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي، جتي 1972ع جي ابتدا ۾ ڊاڪٽر آف فزيڪل مٽلرجي جي ڊگري حاصل ڪيائين.شاگرديءَ دوران هن بين الاقوامي سائنسي جريدن لاءِ فني موضوعن تي اهم ۽ ڪارآمد مضمون تحرير ڪيا ۽ 1972ع ۾ هڪ ڪتاب پڻ ترتيب ڏنو، جيڪو ڌاتوگريءَ جي موضوع تي پنهنجي نوعيت جو واحد ڪتاب هو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر عبدالقدير، ايمسٽرڊيم جي هڪ انجنيئرنگ فرم (اداري) ايف ڊي او ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هن فرم جو مڪمل نالو ’فزيڪل ڊائناميڪل ريسرچ ليبارٽري‘ آهي، جيڪا دراصل هالينڊ جي وڏي انجنيئرنگ فرم’وي ايم ايف‘ جي تحقيقي شعبي واري حيثيت رکندڙ آهي. اهو ادارو ريلوي انجڻ، سرنگ کوٽڻ واريون مشينون، ٽيڪسٽائيل مشينون، بحري جهازن جا ڍانچا، سج جي توانائيءَ تي هلندڙ مشينري، الٽراسنٽري فيوج ٺاهڻ ۾ خاص مهارت رکي ٿو. ان وقت ايف ڊي او جي منصوبي تحت هڪ وڏو خفيه ايٽمي پراجيڪٽ ’يورنڪو‘ به زير غور هو. جيڪو منصوبو برطانيه، اولهه جرمني ۽ هالينڊ جي گڏيل سرمايه ڪاريءَ سان ويهن سالن کان هلندڙ هو. هن منصوبي تحت يورينيم لاءِ هڪ پلانٽ هالينڊ جي ’الميلو‘ مقام تي تعمير ڪيو پئي ويو ۽ تنهن وقت ٽنهي ملڪن جا لڳ ڀڳ ٻه کرب ڊالر خرچ ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر عبدالقدير کي الميلو جي ايٽمي پلانٽ تي بطور مشير مقرر ڪيو ويو.کيس ڊچ، جرمن، فرانسيسي ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور حاصل هو، جنهنڪري نهايت خفيه ۽ فني نوعيت جي دستاويزن جي ترجمي جو اضافي ڪم به سندس حوالي ڪيو ويو. ترجمي جي غرض سان سرڪاري طور تي خفيه ترين دستاويز گهر کڻي وڃڻ جي به کيس اجازت هئي. ان ئي حوالي سان کيس 1974ع ۾ مرڪز گريزي کان به مٿانهين قوت تي مشتمل فني تشڪيل ۽ ترڪيب جي هڪ انتهائي اهم رپورٽ ترجمي لاءِ ڏني وئي، جيڪا هن مختصر وقت ۾ مڪمل ڪئي. انهي رپورٽ تي بعد ۾ هنگامو پيدا ٿيو ته آخر ايتري خفيه رپورٽ هڪ غير ملڪي سائنسدان کي مطالعي ۽ ترجمي لاءِ ڪيئن ۽ ڇو ڏني وئي؟ 1975ع ۾ ذاتي سببن جي ڪري هن پاڪستان ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس فرم ايف ڊي او اعليٰ خدمتن عيوض کيس حسن ڪارڪردگيءَ جي ســنــد سان نوازيو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي طرفان کيس ’ڪهوٽا ايٽمي ريسرچ ليبارٽريز‘ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. هن پاڪستان ۾ رهي مرڪز گريز پلانٽ جي ڊيزائن ٺاهڻ جو آغاز ڪيو. پاڻ ڪهوٽا ريسرچ ليبارٽريءَ ۽ يورينيم اينرچمينٽ پروگرام جو بنياد وجهندڙ پڻ هو. 1979 ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير بابت هڪ تنازعي جو آغاز ان وقت ٿيو، جڏهن انگريزي اخبار‘ Time 9’ جولاءِ 1979ع جي اشاعت ۾ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاران ايٽمي راز چورائڻ جي خبر شايع ڪئي. آمريڪا ۽ هندستان سميت دنيا جي وڏين اخبارن ۾ هنگامو پيدا ٿي ويو ۽ مٿس ’اسلامي ايٽم بم‘ ٺاهڻ جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا. وڏين طاقتن ۽ سياسي ڌرين جي دٻاءُ سبب ايمسٽر ڊيم جي عدالت ۾ ايٽمي راز چورائڻ ۽ جاسوسيءَ جي الزام هيٺ سندس خلاف پھرين نومبر 1983ع تي مقدمو داخل ڪيو ويو ۽ ڪنهن به نوعيت جي قانوني عدالتي ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ 14 نومبر 1983ع تي سندس غير حاضريءَ ۾ چار سال قيد جي سزا ڏني وئي. هن پنهنجي خلاف لڳل سڀني الزامن جي ترديد ڪئي. پاڪستان ۾ جڏهن ڊاڪٽر قدير جي سزا واري خبر پهتي ته پاڪستان جي مشهور وڪيلن ايس ايم ظفر ۽ ايم بي زمان هالينڊ پهچي اتان جي اعليٰ عدالت ۾ ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي.28 مارچ 1985ع تي ا عليٰ عدالت سندن اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو. 2003ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير هڪ ڀيرو ٻيهر تنازعي جو شڪار رهيو ۽ مٿس اتر ڪوريا، لبيا ۽ ايران کي ميزائل ٽيڪنالاجيءَ بابت خفيه معلومات ڏيڻ جا الزام لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ تڏهوڪي آرمي چيف ۽ صدر جنرل پرويز مشرف کيس نظربند رکڻ جو حڪم ڏنو. ڪجهه عرصي بعد سياسي اڳواڻن ۽ عوام جي پرزور مطالبي تي کيس صدارتي معافي ڏئي آزاد ڪيو ويو. پاڪستان ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ به ڊاڪٽر عبدالقدير هڪ عرصي کان خدمتون انجام ڏنيون. ان ڏس ۾ هن پاڪستان جي سرفهرست نجي يونيورسٽي، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، سوابي جي طبيعات (فزڪس) واري شعبي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، پروفيسر ۽ چيئرمين طور ڪم ڪيو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ’اي ڪيو خان انسٽيٽيوٽ آف بائيوٽيڪنالاجي اينڊ جينٽيڪ انجنيئرنگ‘ جي قيام ۾ پڻ سندس ڪوششون شامل رهيون. سندس ڪوششن سان اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ جي مختلف حصن ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسڪول سسٽم (Dr A Q Khan School System) جي نالي هيٺ اسڪول قائم ڪيا ويا، جتي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا مان سوَن جي تعداد ۾ شاگردن کي اسڪالرشپ تحت مفت تعليم مهيا ڪئي پئي وڃي. ملڪ لاءِ خدمتن عيوض پاڪستان سرڪار کيس ’هلال امتياز‘ (1989ع)، ’نشان امتياز‘ (1996ع) ۽ ’نشان امتياز‘ (1999ع) سان نوازيو. ان کان سواءِ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جهڙوڪ: سرسيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، همدرد يونيورسٽي، گومل يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، لاهور طرفان مختلف وقتن تي ميڊل ۽ اوارڊن سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر عبدالقدير 10 آڪٽوبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.01  عيسوي

عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ( اي-ڪيو خان) 01 اپريل 1936ع تي ڀوپال (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو.


2021.10.10  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالقدير 10 آڪٽوبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاتمي سيد محمد
سلا خان ڊومينيق ڊاڪٽر
قمرالدين چانڊيو
علي نواز انڙ
سيد جيئندل شاهه لڪياري
دراني اٽل خان
ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
رامچندر ڀڳت
سليمه احمد
پلي، محمد عثمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون